سعودي ۽ امارات جي پرڏيهي وزيرن جو پاڪستان جو اهم دورو

اسلام آباد(اياز مهر) ڪشمير بابت ڀارتي اپائن بعد پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بعد اسلامي دنيا جي ٻن اهم ملڪن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزيرن هڪ ڏينهن جي اهم دوري تي پاڪستان پهچي ويا آهن. پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي موجب هنن ساڻس ملاقات بعد وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي ۽ خطي جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. قريشي چيو ته هو مطمئن آهي پر اهي لفظ چوندي هن جي باڊي ليگويج بظاهر چيل ڳالهه جي ابتڙ لڳي رهي هئي. هو پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ خطي ۾ پيدا ٿيل صورتحال بابت مشاورت ڪئي. ان کان اڳ پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي صحافين کي ٻڌايو هو ته ٻنهي اهم مسلمان ملڪن جا وزير، پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان پاران ٻنهي ملڪن جي سربراهن سان ڪيل رابطن بعد پاڪستان اچي رهيا آهن. سعودي عرب ۽ يو اي اي اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جا به اهم ميمبر آهن. تازو گڏيل عرب امارات پاران ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي کي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏنو ويو هو ۽ ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ بعد اهڙي قدم تي مٿن پاڪستان ۾ تنقيد ٿي هئي ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي به آڱريون کنيون ويون هنيون. ڪجهه تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته فوري طور تي هنن جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ وڌيڪ ڪو به جارحاڻو قدم نه کڻڻ کي روڪڻ،پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل دوري جي انتهائي اهميت آهي ڇو ته سفارتي حلقن جو چوڻ آهي ته هو ڪشمير بابت ڪنهن ممڪنه حل بابت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙين ڪوششن کي آمريڪي آشيرواد به حاصل هوندي. ياد رهي ته ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ بابت ڀارتي اپائن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ 14 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن ۽ پنج رڪلني ڀارتي سپريم ڪورٽ جي بينچ آڪٽوبر کان روزانو جي بنياد تي انهن جي سماعت ڪندي. امڪان آهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارتي حڪومت جي قدمن کي رد ڪندي جنهن بعد ڪشمير جي صورتحال بابت عالمي اڳواڻن جي پٺڀرائي سان ڳالهين وسيلي هن مني صدي پراڻي تڪرار جو ايندڙ سال حل ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو