واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست مسيسپي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.پرڏيهي خابرو اداري موجب مسي سيپي اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ٽيٽ ڪائونٽي جي علائقي آرڪا باٽلا ۾ پيش آيو، جتي هٿياربند هڪ دڪان ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو.ان کان اڳ هٿياربندن ويجهو گهر ۾ داخل ٿي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار هڪ گهر ۾ داخل ٿي وڌيڪ 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڳئي علائقي مان وڌيڪ 2 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ ڪيا ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب لڳي ٿو ته جوابدار اڪيلي سر واقعي کي انجام ڏنو آهي پر فائرنگ جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، واقعي کانپوءِ حملي آور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










