اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي بدلي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ لاهور جي اڳوڻي پوليس چيف غلام محمود ڊوگر جي بدلي وارو حڪم معطل ڪندي فيصلو ٻڌايو.عدالت چيو ته پنجاب ۾ مقررين ۽ تبادلن جو معاملو سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ وٽ ٻڌڻي هيٺ آهي، نگران حڪومت مقرري ۽ تبادلي جو معاملو 5 رڪني لارجر بينچ ڏانهن موڪلي رهي آهي.










