بارشن سبب ضلعي عوام کي  تمام گهڻي تڪليف ڏسڻي پئي:ڊي سي

بارشن سبب ضلعي عوام کي تمام گهڻي تڪليف ڏسڻي پئي:ڊي سي

نوشھروفيروز (ن س) صحتمند سرگرميون سٺي ذھن ۽ سٺي صحت لاءِ ضروري آھن اھڙن خيالن جو اظھار ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز شاھزيب شيخ مھراڻ سٽيزن ڪلب ۾ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل بارشن سبب ضلعي نوشهري فيروز ۾ عوام کي تمام گهڻي تڪليف ڏسڻي پئي ۽ تعلقي موري اندر پڻ ساڳي صورتحال رهي، سول سوسائٽي مورو واسين کي جس هجي جن پنهنجي شهر اندر ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ انتظاميا سان پڻ سهڪار ڪيو، مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو جا ميمبرس، شهري ۽ نوجوان صحتمند سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندا رهن ٿا. هن مهراڻ سٽيزن ڪلب جي ميمبرس کي يقين ڏياريو ته ڪلب جي بهتري، ڀلائي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سندن مدد ڪئي ويندي. موري شهر جي صحت صفائي، امن و امان، تعليمي مسئلن ۽ شهر اندر وڌندڙ آبادي ۽ ٽريفڪ جي دٻا۽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ موري جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي پڻ يقين ڏياريو. ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز احسان اللہ پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان سڀ گڏجي مهراڻ سٽيزن ڪلب ۽ پنهنجي ماڻهن ۽ هن شهر جي مالڪي ڪريو. اليڪشن ڪميشن چيئرمين سيد محسن علي شاھ پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته زندگي تمام مختصر ۽ ﷲپاڪ طرفان هڪ نعمت آهي، تاريخ ۾ صرف اهي ئي زنده رهندا جن انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي واسطي نيڪ ڪم ڪيا. مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو موري واسين لڳ ڀڳ 55 يا 60 سال اڳ تعميرات ڪرائي جيڪا اڄ ڏينهن تائين مختلف ميمبرس ۽ عهديدار سنڀالي ۽ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. مورو علم ادب، تاريخ ثقافت جي رنگن ۾ رنڱيل سنڌ جو سهڻو ۽ خوبصورت شهر آهي، ان جي مالڪي ۽ وارثي اوهان اسان سڀني کي ڪرڻي پوندي. ان بعد مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته اسان سڀني عهديدار ۽ ميمبرس ڪاروباري ڪاميٽي هن ڪلب ھال جي ڇت ڍڪرائڻ سان گڏوگڏ ، پارڪ پڻ تعمير ڪرايو ، سولر سسٽم، فرنيچر ۽ ٻيون ضرورت واريون گهرجون پوريون ڪيون آهن جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿيون آهن، ان سان گڏوگڏ هر مهيني اندازن هڪ لک روپين تائين ماهوار آمدني ۾ اضافو پيدا ڪيو آهي جيڪا هر مهيني مستقل آمدني رهندي. هن چيو ته لائبرري جي لا۽ تعميرات جي ضرورت آهي. ۽ انشاء الله ايندڙ وقت ۾ موقعو مليو ته هن کان وڌيڪ بهتر ڪوشش ڪندس. هن موقعي تي پنڊال ۾ موجود معزز ميمبرن هرهڪ حاجي انور قائم خاني، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ، ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ عبدﷲ خان ڪورائي، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن موقعي تي معزز مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي سنڌي ٽوپي اجرڪ پيش ڪيا ويا.. هن تقريب ۾ مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو