اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي فوج طرفان بمباري ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج سومر جي صبح سوير غزه جي پٽي تي بمباري ڪئي، جنهن بابت اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته غزه تي بمباري فلسطيني علائقي مان راڪيٽ فائر ٿيڻ بعد ڪئي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب غزه جي پٽي ۾ سومر جي صبح سوير ڪيترائي ڌماڪا ٿيا آهن پر هينئر تائين ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق نه ٿي آهي.ان حوالي سان اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن غزه ۾ هڪ انڊر گرائونڊ سائيٽ تي حملو ڪيو آهي، جتي حماس راڪيٽ جي تياري لاءِ بارود جمع ڪيو هو.اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اهي حملا ڇنڇر تي غزه کان اسرائيل تي راڪيٽ حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا.ٻئي طرف فلسطيني اختيارين غزه جي پٽي مان ڪنهن به راڪيٽ حملي جي تصديق نه ڪئي آهي.فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ جو چوڻ آهي ته قابض ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج جي ڪارروائي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو