لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي خوراڪ کاتي ۽ فلور ملز وچ ۾ تڪرار جاري،مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور ۾ دڪانن مان اٽو غائب ٿي ويو آهي ۽ قلت وڌي وئي آهي، سرڪاري اٽي جو 10 ڪلو جو سستو ٿيلهو به ناهي ملي رهيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملز ڪمرشل 15 ڪلو اٽي جي سپلاءِ ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته مل مالڪن سومر کان پنجاب ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هڙتال سبب اٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي خوراڪ واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هو بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندا، ميرٽ تي ويندا.










