مُلڪي معيشت ڏکيائين جو شڪار، عالمي اداري خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

مُلڪي معيشت ڏکيائين جو شڪار، عالمي اداري خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مشهور برطانوي رسالي فنانشل ٽائمز پاڪستاني معيشت جي خراب صورتحال ۽ پيش ڏکيائين تي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي. برطانوي رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته پاڪستان تباهي جي ڪنڌي تي آهي، ايٽمي طاقت ۽ ان کي قرض ڏيندڙ ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن، مُلڪي ڪرنسي انتهائي بري طرح متاثر ٿي آهي. فنانشل ٽائمز جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جا مٽاسٽا ذخيرا گهٽجي رڳو 3 ڏهائي 7 بلين ڊالر وڃي بچا هئا، چين، آءِ ايم ايف ۽ پئرس ڪلب کي پاڪستان کي قرض ڏيڻ وارين ڳالهين ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ويجهڙائي ۾ بجلي بريڪ ڊائون، موسمياتي تباهڪاري ۽ دهشتگري جو به منهن ڏسڻو پيو .

پهنجو تبصرو موڪليو