ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) ٽنڊا ڊيم ۾ ٻڏي فوت ٿيل 42 ٻارڙن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽنڊوڄام مان ٽئين ڏينهن وڌيڪ 11 ٻارڙن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 42 ٿي ويو آهي. ڳالهائيندي مهتمم مدرسه عربيه مير بخش خيل شاهد نور چيو ته فوتين جو انگ 57 ٿي ويو آهي. ٻارڙا ٻيڙي ۾ سوار هئا، جڏهن ته گم ٿيل وڌيڪ ٻارن جي ڳولا جاري آهي. شاهد نور چيو ته منهنجي هڪ پٽ ۽ ڀائٽي سميت گهر جا 9 ٻار شهيد ٿي ويا، ان کان علاوه ٽنڊه بند ڪوهاٽ جي سير لاءِ وڃڻ واري ٻارن جي وڊيو به حاصل ڪري ورتي آهي. وڊيو ۾ ٻارڙن کي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کان اڳ قطار ۾ بيهي ٽنڊا ڊيم ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر فرقان اشرف موجب ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ فوج، نيوي، ريسڪيو ۽ مقامي غوطه خور حصو وٺي رهيا آهن. ڪوهاٽ پوليس وٽ حادثي جو ڪيس ٻيڙي جي مالڪ ۽ ايريگيشن کاتي جي ايڪسئن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.










