نٿا چاهيون ته ڇڪتاڻ سبب سرحدن جي ٻنهي پاسي لاش ڪرن: کر

نٿا چاهيون ته ڇڪتاڻ سبب سرحدن جي ٻنهي پاسي لاش ڪرن: کر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اسان بلڪل به سرحدن تي ڇڪتاڻ جي حق نه آهيون ۽ نٿا چاهيون ٿا ته سرحدن تي ڇڪتاڻ سبب ٻنهي پاسي لاش ڪرن.سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران حنا رباني کر چيو ته اسان خطي ۾ رتوڇاڻ نٿا چاهيون ڇاڪاڻ ته اسان جي پاليسي واضح آهي ته اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان کي سياست بدران رياستي پاليسي کي اختيار ڪرڻو پوندو.هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي تحفظ حاصل آهي پر ڀارت ۾ اقليتن سان ڏاڍو برو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته ڀارت جي ناڪاري رويي باوجود پاڪستان امن جي رستي تي هلندو رهندو، ايل او سي تي پاڪستان ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽتائي آئي آهي.هن ڀارتي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانوبڻائيندي چيو ته برطانوي خابرو اداري پاران ٺاهيل ڊاڪيومينٽري ۾ مودي جي اصل ڪردار کي وائکو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو