ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن مئچن تي ٻڌل سيريز جي آخري فيصلائتي مئچ اڄ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي مئچ پاڪستاني وقت مطابق اڍائي وڳي شروع ٿيندي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي تفصيل مطابق پاڪستان ۽ نيوزيليند وچ ۾ ٽن مئچن تي ٻڌل سيريز ۾ آخري ۽ ٽين ون ڊي مئچ اڄ جمعي تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي پاڪستاني ٽيم جي قيادت بابر اعطم ۽ نيوزيلينڊ ٽيم جي قيادت ڪين ولينسن ڪندو.










