غوثپور(عبدالنبي ملڪ) انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا عبدالحميد اوڳاهي، مائي سهڻي ۽ راحيلا زخمي ٿي پيا جن کي حد جي پوليس پهچي غوثپور جي سرڪاري اسپتال آندو ويو زخمين ۾ مائي سهڻي جي نازڪ حالت هجڻ سبب لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مائي سهڻي جي ڄنگهه ٻن هندن تان ڀڄي پئي, پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتاري ڪري ٽريڪٽر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري پئي.










