واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته بنون جهڙا واقعا پريشان ڪندڙ آهن، عوام جي جان ۽ مال جي سلامتي لاءِ انتها پسندن خلاف ڪارروائي ضروري آهي.واشنگٽن ۾ ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي سائوٿ ايشيا سينٽر جي ميزباني ۾ ٿيل بحث کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته انتهاپسندي خاص طور تي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف ڪارروائي سختي سان منع آهي ۽ خطي ۾ امن معاشي استحڪام لاءِ ناگزير آهي.هن چيو ته هو آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ چاهين ٿا، پاڪستان لاجسٽڪ ۽ واپاري مرڪز جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.بلاول جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ ساٿي ملڪن جي سهڪار سان فنڊ حاصل ڪرڻ جي اميد جو به اظهار ڪيو.هن چيو ته مستقبل ۾ ماحولياتي آفتن کي منهن ڏيڻ، متاثرين جي مدد ڪرڻ هڪ چئلينج آهي.بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو سمورو ڌيان ٻوڏ سبب پيدا ٿيل مصيبتن کي منهن ڏيڻ تي آهي، مون کي يقين آهي ته ٻوڏ سبب پيدا ٿيل چيلينج کي منهن ڏيڻو پوندو.پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وبا سبب خطي جي معيشت کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين رڪارڊ برساتون ٿيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 33 لک ماڻهو متاثر ٿيا.هن چيو ته ٻوڏ سبب تعليم، زراعت ۽ صحت جا شعبا متاثر ٿيا آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال 2007 جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.










