پاڪستان ڪشميرڪيس عالمي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان حڪومت ڪشمير م انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي جو ڪيس اقوام متحده جي عالمي ڪورٽ يعني انٽر نيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اڱاري تي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان جي باضابطا منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته قانوني ماهرن جي ٽيم جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. اها ڳالهه سڀني کان اڳ پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي اي آر واءِ نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌائي. بعد ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ برينگ دوران ٻڌايو ته ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي ورتل مودي سرڪار جي اپائن بعد ڪشمير ۾ ڪرفيو هڻي، ڪميونيڪيشن ختم ڪري جيڪي انسانيت سوز ظلم ڪيا ويا آهن انهن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. ياد رهي ته عالمي عدالت جو فيصلو لاڳو ناهي ٿيندو ان جي حيثيت مشاورتي هوندي آهي. جيڪڏهن ڌريون تسليم ڪن ته پوءِ عمل ڪرڻ لازم هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو