مونس الاهي ڪنهن به وقت رابطو ڪري سگهي ٿو: چوڌري سالڪ حسين

مونس الاهي ڪنهن به وقت رابطو ڪري سگهي ٿو: چوڌري سالڪ حسين

لنڊن (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته مونس الاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ چوڌري شجاعت تي اعتماد نه ڪيو، مونس الاهي جڏهن چاهي ساڻس رابطو ڪري سگهي ٿو، مون کي ڪو مسئلو ناهي.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سالڪ حسين چيو ته گذريل حڪومت وڃڻ وقت سي پيڪ اختيار ختم ڪيو هو.هن چيو ته نواز شريف وطن واپسي جي ڪا به حتمي تاريخ ناهي ڏني.وفاقي وزير چيو ته جيڪي فيصلا سمورين پارٽين گڏجي ڪيا، ان تي اڄ به قائم آهيون، مقصد اهو آهي ته سڀ گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪن، ڪو به ذاتي مقصد ناهي.چوڌري سالڪ حسين چيو ته مخالف ڌر جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي ڊاهڻ ۽ غير مستحڪم ڪرڻ جي، اصل ۾ اها حڪومت نه پر ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي.هن چيو ته اسان کي چونڊن جو انتظار ڪرڻ گهرجي، عوام جنهن کي مينڊيٽ ڏئي اهو اچي ۽ حڪومت ٺاهي، اپوزيشن کي حڪومت سان سهڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اپوزيشن کي ملڪ ۽ معيشت جي مسئلي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.چوڌري سالڪ وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿو سيٽ اپ ناهي، ماڻهن جي نيت بدلجي رهي آهي، سيٽ اپ نه به بدليو ته فرق نه پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو