اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽر حاجي غلام علي کي خيبرپختونخواهه جو گورنر بڻائڻ جي سمري صدر پاڪستان کي موڪلي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر حاجي غلام علي کي ڪي پي جو گورنر بڻائڻ جي سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.وزيراعظم طرفان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي موڪليل سمري ۾ آئين جي آرٽيڪل 101 تحت حاجي غلام علي کي خيبرپختونخواهه جو گورنر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته اڳوڻي گورنر ڪي پي شاهه فرمان جي استعيفيٰ کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق غني وقتي گورنر ڪي پي جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.











