ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچرز جي ڀرتين جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، ميوزڪ ٽيچرز تعليمي ادارن ۾ نعت، حمد، اذان ۽ موسيقي سيکاريندا تفصيل مطابق سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچرز جي ڀرتين جو عمل جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ميوزڪ ٽيچر کي بي ايس 14 ۾ ڀرتي ڪيو ويندو ميوزڪ ٽيچر لاءِ ميٽرڪ جي تعليم ۽ موسيقي جا سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنا ويا آهن ميوزڪ ٽيچر لاءِ نيشنل ميوزڪ اڪيڊمي ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ ميوزڪ آرٽ جو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ٽيچر کي هارمونيم، ميوزيڪل جي بورڊ ۽ پيانو وڄائڻ اچڻ گهرجي سنڌ جي تعليم جي وزير مطابق ميوزڪ ٽيچرز تعليمي ادارن ۾ نعت حمد اذان ۽ موسيقي سيکاريندا.










