لنڊن مان وڏي چور کي واپس آڻڻو پوندو: عمران اسماعيل

لنڊن مان وڏي چور کي واپس آڻڻو پوندو: عمران اسماعيل

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آئي اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته چورن ۽ نااهلن پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏي لنڊن مان وڏي چور کي واپس آڻڻو پوندو پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر ملڪ جي هاڻوڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جي حوالي سان ٽيوٽر تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي عمران اسماعيل پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته 8 مهينن جي بدترين ڪارڪردگي سبب ملڪ تاريخ جي سياه ترين معاشي صورتحال ۾ لنگهي رهيو آهي. عوام فيصلو ڪري چڪو ته هاڻي حقيقي آزادي ئي واحد حل آهي عمران خان ئي پاڪستان جون اميد آهي عمران اسماعيل ٽوئٽ ۾ موجوده حڪومت جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي ۽ پاڻ حاصل ڪيل رليف جي تفصيل بابت رپورٽ جو عڪس به شيئر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو