ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سوئي سدرن صنعتي شعبي کي گئس جي فراهمي اڄ کان 28 فيبروري تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايف پي سي سي آءِ جي سينيئر نائب صدر جو چوڻ آهي ته سوئي سدرن جي اهڙي فيصلي سان صنعتي پيداوار ۾ سخت رڪاوٽ ايندي.هن چيو ته هن صنعتن کي ڏينهن ۽ رات گئس فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر سوئي سدرن جو موقف آهي ته انهن وٽ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ جي گنجائش ناهي.ٻئي طرف سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سوئي ناردرن جو سسٽم اڃا تائين نارمل ۽ ڪنٽرول ۾ آهي، جنهن سبب سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.










