ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس 3 ڪنٽينرن تان 3 لک کان وڌيڪ منشيات جون گوليون هٿ ڪري ورتيون.اي اين ايف جي ترجمان موجب ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي گڏيل عرب امارات موڪلڻ لاءِ بک ڪيل 3 مختلف ڪنٽينرز جي تلاشي دوران 3 لک منشيات جون گوليون هٿ ڪيون ويون.ترجمان موجب هٿ آيل گولين جو ڪل وزن 65 ڪلوگرام آهي.ان سلسلي ۾ اي اين ايف ڪراچي جي رهواسي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.










