ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي مان سعودي عرب ويندڙ ڪتابي ڪنٽينر مان وڏي مقدار ۾ منشيات جون گوليون هٿ ڪري ورتيون.اي اين ايف ترجمان موجب منشيات جي گولين جو انگ 3 لک 20 هزار آهي ۽ ان جو ڪل وزن 75 ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته ڪنٽينر هڪ خانگي ڪمپني طرفان بک ڪيو ويو هو ۽ سعودي عرب جي جده ۾ هڪ امپورٽر ڏانهن موڪليو پيو وڃي.اي اين ايف ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ لاڙڪاڻي جو عبدالوحيد ۽ ڪراچي جو شهزاد شامل آهن.ٻئي طرف اينٽي نارڪوٽڪس فورس فيصل آباد جي ملت روڊ تي هڪ ٻي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڪار مان 26 ڪلو 400 گرام چرس هٿ ڪئي وئي. جڏهن ته ان ڪارروائي ۾ فيصل آباد جي رهواسي تنوير نالي هڪ شخص کي به گرفتار ڪيو ويو.










