اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پوليس ساره انعام قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهنواز عامر جي ماءُ کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ بعد گرفتار ڪري ورتو آهي.جوابدار شاهنواز جي ماءُ ثمينه شاهه عبوري ضمانت تي آهي ۽ ضمانت ۾ واڌ لاءِ جوابدار پنهنجي وڪيلن سميت اڄ عدالت ۾ پيش ٿيو.جڏهن ته ايڊيشنل سيشن جج سهيل شيخ جوابدار ثمينه شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن تي پوليس جوابدار کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.شهزاد ٽائون پوليس جوابدار ثمينه شاهه کي ڪورٽ روم ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.










