ننڍي چونڊ، نوازشريف شڪست تي ڪاوڙيل، رپورٽ طلب

ننڍي چونڊ، نوازشريف شڪست تي ڪاوڙيل، رپورٽ طلب

لنڊن (ويب ڊيسڪ) (ن) ليگ جي قائد اڳوڻي وزيراعظم محمد شهبازشريف ننڍي چونڊ ۾ پنجاب ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي جي ٻن سيٽن تي ليگي اڳواڻن جي هار تي ڪاور ڪندي (ن) ليگ جي صدر وزيراعطم شهبازشريف پنجاب جي صدر گهرو وزير رانا ثناءُالله ۽ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال کان رپورٽ گهري آهي ذريعن مطابق محمد نوازشريف پنجاب ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي جي ٻن سيٽن تي ليگي اڳواڻن جي شڪست تي ڪاوڙ ڪندي شهبازشريف، رانا ثناءُالله ۽ احسن اقبال کان مڪمل تفصيل گهري ورتو ليگي ذريعن مطابق شذره منصب اڪيلي سر مهم هلائي ۽ جلسي لاءِ رڳو اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ويو جيڪڏهن حمزه شهبازشريف ۽ مريم نوازشريف جو هڪ جلسو به ٿي وڃي ها ته عمران خان کي شڪست ٿي وڃي ها پارٽي ذريعن مطابق قيادت پاران نوازشريف کي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جي شروعاتي رپورٽ اماڻي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ بجلي جا ڳرا بل ۽ قيادت پاران گهٽ دلچسپي شڪست جا سبب بڻيا. (ن) ليگ ذريعن ٻڌايو ته ننڍي چوند ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سرخرو ٿي آهي ۽ پيپلزپارٽي پنجاب ۾ واپس ٿي آهي. شڪست جا مڪمل سبب ڄاڻڻ لاءِ پارٽي سربراهه ميان نوازشريف فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي هي ڪميٽِ ٻن ڏينهن ۾ پارٽي جي شڪست جي سببن جي رپورٽ نوازشريف کي اماڻيندي ٻئي پاسي ڪجهه پارٽي اڳواڻن ڪاوڙ ظاهر ڪئي ته فيصل آباد جي سيٽ تي پارٽي جي ووٽر متحرڪ ڇو نه ٿيو رانا ثناءُالله جي صلح جي باوجود فرق اچي ها ذريعن مطابق رانا تنوير حسين کي شيخوپوره ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪ ڏني پارٽي اڳواڻن چيو ته جليل شرقپوري کان بدلو وٺي ڇڏيو شرقپوري جو مذهبي ووٽ به هو ۽ پي ٽي آئي جي سپورٽ حاصل هئي جڏهن ته (ن) ليگ ڀرپور مهم هلائي ۽ ڪاميابي ماڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو