واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران تي سڀاڻي ئي حملو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اهو به ممڪن آهي ته ڪو وڏو معاهدو طئي ٿي وڃي.ايران تي حملي بابت سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته هو ڪنهن به امڪاني فوجي ڪارروائي جي وقت بابت ڪجهه نه ٻڌائيندو.هن چيو ته ايران وارو معاملو تمام سٺي نموني اڳتي وڌايو ويو آهي، پر ممڪن آهي ته باقي رهيل ڪم به مڪمل ڪرڻو پوي.آمريڪي رسالي موجب امڪاني حملي جي تيارين لاءِ آمريڪي جهاز بردار جنگي جهاز ’جارج واشنگٽن‘ وٽ هٿيارن ۽ ميزائلن جي فراهمي پهچائي وئي آهي. رسالي جي دعويٰ آهي ته سعودي عرب، اردن، قطر، گڏيل عرب امارتن ۽ لبنان ۾ آمريڪي سفارتي عملي جي انگ ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي.










