اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ذريعن موجب عمران خان خلاف پابندي مڙهيل فنڊنگ بابت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر ۾ ابراج گروپ جي اڪائونٽ مان 21 لک ڊالرن جي منتقلي جو ذڪر آهي ۽ ڪيس ۾ سردار اظهر طارق، طارق شفيع ۽ يونس عامر ڪياني کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب ابراج گروپ تحريڪ انصاف جي اڪائونٽ ۾ رقم موڪلي، جيڪا بئنڪ جي جناح ايونيو برانچ ۾ موڪلي وئي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف عارف نقوي جو حلفي بيان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو پر عارف نقوي جو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ڪوڙو ۽ جعلي آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب تحريڪ انصاف جو هڪ خانگي بئنڪ ۾ اڪائونٽ هو جيڪو نئون پاڪستان جي نالي سان ٺاهيو ويو هو.ايف آءِ اي بئنڪنگ سرڪل پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڪيس ايف آءِ اي جي ڪارپوريٽ بئنڪنگ سرڪل داخل ڪيو ويو.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن فارن ايڪسچينج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جوابدار نجي بئنڪ اڪائونٽ مان فائدو وٺندڙ آهن.ايف آءِ آر ۾ تحريڪ انصاف جي سيف الله نيازي جو نالو به شامل آهي.










