ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور، مختيارڪار آفيس آڏو ڌرڻو

ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور، مختيارڪار آفيس آڏو ڌرڻو

دادو(ن س)دادو ۾ ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور، سھائتا نہ ٿيڻ تي متاثرين جو مختيارڪار آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو، انتظاميا خلاف شديد نعري بازي.دادو ضلعي جي مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثرين عورتن مردن قاسم ٻٻر، وقار پنھور، مسمات ڪريما ٻٻر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو تہ اسان ٻوڏ متاثر ميھڙ، ٿرڙي محبت، جوھي، ڪي اين شاھ، مريد ٻٻر سميت ٻين علائقن جا رھواسي آھيون اسان کي انتظاميہ ھٿ وٺي ٻوڙي بي گھر ڪيو آھي، اسان جو الھ تلھ تباھ ٿي ويو آھي، دادو انڊس ھائي وي تي کليل آسمان ھيٺ ويٺا آھيون، ضلع انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪابہ سار نہ لڌي آھي.ھڪ مھيني کان بي يارو مددگار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون انتظاميا ڊي سي دادو ٽينٽ ۽ راشن فراھم نہ پيا ڪن اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آھن، فوري طور اسان جو مسئلو حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو