آڊيو ليڪس: سلامتي ڪميٽي پاران جاچ لاءِ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري

آڊيو ليڪس: سلامتي ڪميٽي پاران جاچ لاءِ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي.جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيرن، سروسز چيفس ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ آڊيو ليڪس واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ حساس ادارن جي سربراهن کي وزيراعظم هائوس ۽ اهم هنڌن جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سائبر اسپيس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ آڊيوز جي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم هائوس جي سڪيورٽي سان لاڳاپيل ڪجهه پهلوئن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فول پروف انتظام ڪيا ويا. مشاورت کانپوءِ ڪميٽي سائبر سيڪيورٽي بابت قانوني فريم ورڪ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سائبر سيڪيورٽي بابت قانوني فريم ورڪ تيار ڪري.ڪميٽي آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني آهي.قومي سلامتي ڪميٽي سائبر اسپيس جي حوالي سان حڪومتي رابطن جي سلامتي، حفاظت ۽ سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو.اجلاس ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻوڏ متاثرن جي بچاءَ ۽ امدادي قدمن جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. بيان موجب 33 ملين متاثرين جي امداد، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي، متاثرن کي کاڌي پيتي ۽ طبي علاج جي فراهمي جي قدمن جو به جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو