ڌرتيءَ کي بچائڻ جو مشن، خلائي جهاز هڪ اسٽرائڊ سان ٽڪرائجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ڌرتيءَ کي اسٽروڊ جي ٽڪرن کان بچائڻ لاءِ هڪ تاريخي مشن ۾، ناسا پاران ڌرتيءَ تان موڪليل تجرباتي خلائي جهاز اسٽروڊ ڊيمورفوس سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو.ناسا جي رپورٽ موجب ڊارٽ خلائي جهاز 23 هزار 500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اسٽرائيڊ سان ٽڪرائجي ويو. ناسا جي انجنيئرن ۽ ماهرن ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو.پرڏيهي ميڊيا موجب سائنسدانن ان تجربي جو مشاهدو ٻين دوربين ذريعي ڪيو، جن ۾ جيمس ويب به شامل آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب تجربي جا نتيجا ايندڙ ڪجهه ڏينهن يا هفتن ۾ سامهون اچڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن مشن ڪامياب ٿي وڃي ٿو، يعني سيارچن جي مدار جو رستو تبديل ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ اهو طريقو ڌرتيءَ جي طرف وڌڻ واري اسٽريوڊس کي روڪڻ لاءِ هڪ اهم دفاعي هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو.هن مشن جو مقصد اهو چيڪ ڪرڻ آهي ته ڇا ڌرتي خطرناڪ خلائي پٿر جي ٽڪر کان محفوظ آهي.سائنسدان اڳ ۾ ئي اڪثر ايسٽروڊس جي نشاندهي ڪري چڪا آهن جيڪي ڌرتيء کي تباهه ڪري سگھن ٿا، پر انهن مان ڪوبه في الحال اسان جي ڌرتي لاء خطرو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو