اسلام آباد(بيورو)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس کي تباهه ڪرڻ تي عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو، اسپورٽس ڪامپليڪس جي بحاليءَ جا اضافي خرچ عمران خان ۽ نيب کان وصول ڪندا.سندس چوڻ هو ته عمران خان 4 سالن ۾ پاڪستاني معيشت تي بمباري ڪئي، اسان کي عمران حڪومت جون مينون صاف ڪرڻيون آهن.










