اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم هائوس ۾ ن ليگ اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن جي ملاقات جو آڊيو ليڪ ٿي ويو.آڊيو ۾ مسلم ليگ ن جا اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مبينا طور تي پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي استعيفيٰ تي بحث ڪري رهيا آهن.ليڪ ٿيل آڊيو ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، خواجا آصف، اياز صادق ۽ ٻين اڳواڻن جا آواز به ٻڌي سگهجن ٿا.وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ کانپوءِ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي تي سوال اٿاريا ويا آهن ليڪ ٿيل آڊيو وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي بابت نوان سوال اٿاريا آهن.ڇا وزيراعظم هائوس ايترو غير محفوظ آهي جو اتي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻئي هنڌ ٻڌي سگهجي؟ آڊيو ليڪ کانپوءِ قومي سلامتي واري معاملي تي وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس ٿي سگهي ٿو؟ڇا حڪومت ۽ وزيراعظم پاليسي سازي لاءِ ان ڪيمرا ملاقات سان مطمئن ٿي سگهن ٿا؟ڇا وزيراعظم هائوس ۾ ڳجهي رڪارڊنگ سسٽم موجود آهي جنهن جي حڪومتي ميمبرن کي به خبر ناهي؟ حڪومت ان حوالي سان ڇا ڪندي، اڃا ڪا پاليسي ناهي.وزيراعظم هائوس جي اجلاس جي آڊيو ليڪ تي مسلم ليگ ن جا ميمبر ۽ وفاقي وزير ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن…وزيراعظم شهباز شريف کي مريم نواز جي ناٺيءَ لاءِ سهولت جي درخواست ڪرڻ واري آڊيو ليڪ ٿي وئي آھي ليڪ ٿيل آڊيو ۾ اڻڄاتل سرڪاري عملدار مبينا طور شهباز شريف کي ٻڌائي ٿو ته مريم نواز پنهنجَي ناٺِي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ گهرائڻ جو چئِي رهِي آهي شهباز شريف جواب ۾ چوي ٿو ته هو اسان جو ناٺي آهي، اوهان انهن جا اشوز ٻڌائي ڇڏيو، ڀارت مان اڌ پلانٽ اچي چڪو آهي، مان مڃان ٿو ته اشو ڳچي ۾ پئجي ويندو، اوهان انهن سان ڳالهايو مان ترڪي مان واپس اچي انهن کي گهرائي سمجهائيندس، ٻيو شخص چوي ٿو ته اِهو ڪم اسحاق ڊار کان ڪرايو، شهباز شريف چوي ٿو ته ٺيڪ آ، ائين ئي ڪري وٺو










