شهباز شريف جون ڪوششون رنگ لائي رهيون آهن

هاجره ظهير
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جو وزيراعظم عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي بابت آگاهه ڪري رهيو آهي. هڪ اهم پيش رفت اها آهي ته فرانسيسي صدر اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ٻوڏ جي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جيڪا هن سال جي آخر ۾ منعقد ڪئي ويندي. شهباز شريف سان ملاقات دوران فرانسيسي صدر ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني معيشت کي پهتل نقصان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلي بابت آمريڪا جي خاص نمائندي جان ڪيري سان به ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميه جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم ان اميد جو به اظهار ڪيو ته آمريڪا نه رڳو ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو پر متاثرن جي بحاليءَ ۾ به گڏ هوندو . موسمياتي تبديلي بابت آمريڪا جي خاص نمائندي جو چوڻ هو ته هو پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي يقين ڏيارين ٿا ته موسمياتي تبديليءَ جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏن سبب ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏ آهيون. جان ڪيري موجب آمريڪا پاڪستان اندر اهڙي انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ حصو ڏيڻ لاءِ تيار آهي جيڪو مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين سبب ٿيندڙ تباهي واري حادثن کي روڪڻ ۾ مدد ڪري سگهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اسپين جي صدر پڻ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم متاثرين جي امداد تي اسپين جو شڪريو ادا ڪيو. شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ آسٽريليا جي چانسلر به شامل آهي. ايراني صدر ۽ نيوزيلينڊ جو وزيراعظم به شامل هئا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت پاڪستان لاءِ ڪيترن ئي رخن کان اهم آهي. شهباز شريف اهڙي وقت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهي کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. تازو ئي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل پاڻ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پاڻ ان قدرتي آفت جو پاڻ شاهد بڻيو. پاڪستان جو وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به شامل هو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت ٻيا اعليٰ عملدار شامل آهن. شهباز شريف جي دوري جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس نيويارڪ پهچڻ کان ڪجهه ئي دير بعد عالمي ترقياتي بئنڪ اعلان ڪيو ته هو پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن جي آبادڪاري ۽ بحاليءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پڻ اعلان ڪيو ته هو قدرتي آفت کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي مڪمل مدد ڪندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ اهو پڻ چيو آهي ته هو جلد پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ تيار ڪيل جامع پلان جي تفصيلن کان آگاهه ڪندو. اي ڊي بي موجب ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 33 ملين پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ ٻين عالمي ادارن سان ويجهن رابطي ۾ آهي. ٻئي طرف پاڪستان جو وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ آفريقي يونين پاران منعقد ٿيندڙ گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ ۾ به شرڪت ڪندو. اهو يورپي يونين ۽ آمريڪا جي تعاون سان منعقد ڪيو ويندو . وزيراعظم شهباز شريف اهم مملڪتي سربراهن سان به ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ ٻه طرفي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. شهباز شريف گڏيل قومن جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل سان به ملاقات ڪندو. هو جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل ڊنر ۾ به شرڪت ڪندو. بلاشڪ وزيراعظم ان اهم موقعي تي پاڪستان جو ڪيس ڀرپور نموني پيش ڪندو. شهباز شريف دنيا کي ٻڌائيندو ته عالمي موسمياتي تبديلين کان بچاءَ لاءِ اهڙي حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. جنهن جي نتيجي ۾ موسمياتي تبديلين جي پس منظر ۾ نه رڳو علائقائي سطح تي پر عالمي سطح تي به مثبت اثر ظاهر ٿيندا. وزيراعظم پاڪستان گڏيل قومن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته وڏن صنعتي ملڪن کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن جا مسئلا گهٽجي سگهن ٿا. شهباز شريف عالمي فورم تي ٻڌائيندو ته 2022 جي ٻوڏ 2010 جي ٻوڏ کان وڌيڪ تباهي ڇو ثابت ٿي.گذريل سالن ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد پنج درجا سينٽي گريڊ تائين وڌيو آهي، جيڪو گذريل پنجاهه سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي . عالمي موسمياتي ماهر اڳڪٿي ڪري رهيا آهن ته دنيا کي گلوبل وارمنگ کي روڪڻ ۾ صرف 11 سال باقي آهن. حقيقت ۾ اها وارنگ مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ به نظر اچي رهي آهي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي مسئلن کي عالمي برادري آڏو بيان ڪرڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي قيمتي ڪوشش مناسب آهي پر زميني حقيقتون آهن ته اسان کي قومي سطح تي متحد ٿيڻو پوندو. ٻوڏ جي تباهيءَ مان لکين پاڪستانين کي ڪاميابيءَ سان ڪڍڻ لاءِ سياسي استحڪام تي ڌيان ڏيڻ انتهائي اهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو