اسلام آباد(بيورو) احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا مستقل گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.گذريل ڏينهن اسحاق ڊار گرفتاري وارنٽ خلاف احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته اسحاق ڊار کي وطن واپسي تي گرفتار نه ڪيو وڃي، هو پاڪستان اچي پوءِ سندس وارنٽ رد ڪرڻ واري معاملي کي ڏسندا. هوڏانهن هڪ ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ مان اڳوڻي ناڻي واري وزير کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف داخل درخواست واپس وٺندي چيو هو ته مناسب فورم تي رابطو ڪيو ويندو. ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري به سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته اسحاق ڊار کي آزاد ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، هو حيران آهي ته عدالتون تماشو ڏسي رهيون آهن.










