سيڪنڊري اسڪول کنڊرات جا منظر ڏيڻ لڳو،ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل

کڏڙو (ن س) کڏڙو جو تاريخي پراڻو گورنمنٽ بوائز هائر سينڪڊري اسڪول ڪنهن کنڊرات جا منظر پيش ڪندي 1300 سئو شاگردن جي زندگي دائو تي لڳل خبرموجب کڏڙو گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ايجوڪيشن سرڪار پاران هڪ ته پراڻي بلڊينگ جو ڪم نه ڪرائي سگهي پئي پاسي ڪتاب بجلي پاڻي ۽ فرنيچر نه هجڻ تي شاگرد سخت گرمي ۾ ھيٺ زمين تي ويهي تعليم پياري رهيا آھن اسڪول جي ڀرسان 6 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گيس ڪمپني به آھي پر پوء به ڪا سهولت نه ملي سگهي آھي شاگردن کي چوڻ ۾ ته سانگهڙ ضعلو تيل ۽ گيس جي حوالي سان مالا مال سڏيو وڃي ٿو پر ڪامورن وانگر انهن به اک پوري ڇڏي آھي استادن ۽ شاگردن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي پاڻي بجلي واشروم ۽ فرنيچر ڊيڪسن جي جي ضرورت آھي ڊيڪس نه هئڻ ڪري سرن تي يان چٽائي وڇائي زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آھيون اسان سنڌ سرڪار ايجوڪيشن ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي اسڪول ۾ ڪتاب فرنيچر بجلي پاڻي ۽ ٻيون ضروريات شيون ڏنيو وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو