پي ٽي آئي تعزيرات پاڪستان ۾ بغاوت جو قلم شامل ڪرڻ کي چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آئي تعزيرات پاڪستان ۾ بغاوت جو قلم 124 اي چئلينج ڪري ڇڏيو پي ٽي آئي اڳواڻ شيرين مزاري بئريسٽر ابوذر سلمان خان نيازي جي ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ بغاوت جو قلم 124اي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي شيرين مزاري پاران درخوست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بغاوت جو قلم 124 اي راءِ جي اظهار جي آزادي کسڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي هي قلم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن سان ٽڪراءُآهي، تنقيد ۽ راءِ جي اظهار کي ڌٻائڻ لاءِ بغاوت جي ڪيسن جو سهارو ورتو وڃي ٿو پي ٽي آئي اڳواڻ جي درخواست ۾ بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ کي روڪڻ ۽ بغاوت جي ڪيسن تي منع نامو جاري ڪرڻ جي به اپيل ڪئي وئي آهي درخواست ۾ اسلام آباد سميت چئني صوبن جي آئي جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو