چيف جسٽس جي آبزرويشن آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيف جسٽس آف پاڪستان طرفان پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو فواد چوڌري چيو ته احترام سان چوان ٿو ته چيف جسٽس جي آبزرويشن آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي، اسيمبلي جو مُدو 5 سالن لاءِ آهي هن چيو ته جنهن اسيمبلي تي عوام اعتماد نٿو ڪري، اُن کي ٽوڙيو وڃي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته چونڊن جي خرچ کان وڌيڪ قيمت اسان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڏئي رهيا آهيون، جنهن ذريعي چونڊن کي روڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو