اليڪشن ڪميشن جو عمران خان کي ٻيهر نوٽيس موڪلڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ضمني چونڊ مهم دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان خلاف ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ۽ ضمني چونڊ مهم ۾ سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ تي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران وڏي وزير ڪي پي ڪي جي وڪيل چيو ته ضلعي مانيٽرنگ آفيسر چارسده کي به نوٽيس جاري ڪيو، ٻڌڻي هڪ ئي وقت ٻن فورمن تي ڪيئن ٿي سگهي ٿي.ان تي ميمبر بلوچستان چيو ته اسان مختلف تڪبندين ۾ خلاف ورزين تي نوٽيس جاري ڪيا، چونڊ مهم ۾ سرڪاري مشينري ۽ هيلي ڪاپٽر آزادانه استعمال ڪيا ويا، صوبائي حڪومت جي سموري مشينري وڏي وزير جي هٿ ۾ آهي.ٻڌڻي تي عمران خان طرفان ڪو به پيش نه ٿيو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻيهر نوٽيس موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو