اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي ڏوهاري نواز شريف سان وزيراعظم صلاح مشورو ڪري حلف جو ڀڃڪڙي ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم جي حلف نامي جي ڪاپي ٽوئيٽي تي شيئر ڪندي لکيو ته رياستي معاملن تي سزا يافته نواز شريف سان مشاورت حلف ۽ سيڪرٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي.










