شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو عوام دوست بهادرانه ڪردار

عبدالفتاح عباسي
سنڌ جي سونهن ڀري خوبصورت ڌرتي جنهن ۾ هڪ کان هڪ انمول هيرا جنم وٺندا رهيا آهن، سنڌ جي زرخيز سرزمين جي مٽيءَ ۾ اها خوشبوءِ سمايل آهي جنهن جي هٻڪاءُ ۾ هڪ غيرت مند جذبي جي عڪاسيءَ وارو پنهجي وطن پنهجي ڌرتيءَ سان نينهن نڀائن جو وچن ورجايو وڃي ٿو، سنڌ جي ماتر ڀومي لاڙڪاڻي جي چيڪي مٽيءَ ۾ جنم وٺندڙ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جي گهر ۾ 18 سيپٽمبر 1954ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو جو جنم ٿيو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پنهنجي والد وانگر عوام دوستي جو جذبو انتها درجو جو هوندو هيو، هو پنهنجي والد جي اقتدار دوران ڪجهه وقت گڏ رهيو نه ته ضياءَ آمريتي دور ۾ انهيءَ کي جلاوطني ۾ وقت گذارڻو پيو، هو شام، دمشق، لبنان ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي جلاوطني جا ڏهاڙا گهاريا ۽ انهيءَ نيٺ پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪشش ۽ هٻڪاءَ جي لڳاءَ ۾ رهندي جنم ڀومي سنڌ لاڙڪاڻي ۾ واپس اچي پنهنجي اباڻي گهر “ المرتضيٰ هائوس” جون رونقون بحال ڪيون ۽ انهيءَ لاڙڪاڻي شهر جي سيٽ تان ڪاميابي ماڻي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ هن مانجهي مڙس شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيڪو هڪ قدآور شخصيت جو مالڪ هيو، جنهن جو لاڙڪاڻي پر پوري سنڌ پاڪستان جي عوام دوستي جو رنگ ڍنگ انداز هڪ منفرد ۽ نرالو هيو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني بعد پنهنجي ملڪ اچڻ سان هو اڪثر پنهنجي شهر لاڙڪاڻو ۾ رهائش پذير ٿيندي پنهنجي اباڻي گهر “ المرتضيٰ هائوس” ۾ رهڻ لڳو جنهن کان پوءِ المرتضيٰ هائوس سميت پوري لاڙڪاڻي شهر جون رونقون وڌڻ لڳيون ۽ سنڌ، پاڪستان جا سياسي معتبر حلقا توڙي انٽر نيشنل ميڊيا المرتضيٰ هائوس جي طرف تيزي سان وک وڌائڻ لڳيون ته ڪي نا سمجهه بي عقل ۽ عوام دشمن مافيائون جي اک جو ڪنڊو مير مرتضيٰ ڀٽو بنجڻ لڳو، نااهل سماج دشمن عناصرن ۽ مافيائون جي ور چڙهيل ماڻهن بهادر عوام دوست نڊر قسم جي بيباڪ اڳواڻ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سياسي بصيرت، سياسي پلاننگ، سياسي تربيت ۽ سياسي سوچ لوچ کي ڏسي ڪانهر ۽ بزدل قسم جي ماڻهن رات جي انڌيري ۾ انهيءَ سياسي گهراڻي جي اعليٰ قسم جي قدآور شخصيت جي مٿان 20 سيپٽمبر 1996ع تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر 70 ڪلفٽن سندس جي گهر آڏو گولين جا رائونڊن جا رائونڊ کوليندي ڳڀرو جوان مانجهي مڙس مٿير شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي رت ۾ ڳاڙهو ڪيو ويو، جنهن المناڪ ڏکائيندڙ خبر تي سندس جي والدهه بيگم نصرت ڀٽو جيڪا انهي وقت قومي اسيمبلي جي ميمبر هئي ۽ ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو انهيءَ وقت ملڪ پاڪستان جي وزير اعظم هئي، انهن کي جڏهن اهڙي ڏکائيندڙ غم جي خبر ٻڌائي وئي ته انهن ٻنهي جو دماغ چڪر ۾اڇي ويو ۽ انهن کي ايتري قدر جو جتي چمپل به پيرن ۾ پائڻ جي خبر نه پئي ۽ پيرين پنڌ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي لاءِ روئينديون رڙيون ڪنديون نڪري پيون ته اسان جي ڪونڌر پٽ ڪونڌر ڀاءَ کي ڪنهن خون ۾ وهنجاريو آهي ؟، اها خبر نه رڳو انهن ٻنهي لاءِ پر اها ڏکائيندڙ ڪنهن هڪ وڏي سانحي کان گهٽ نه هجڻ واري خبر پوري سنڌ کي شديد غم ۽ غصي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هيو، جڏهن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ننڍڙي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو توڙي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهر واري ميڊم غنويٰ ڀٽو کي اها خبر ملي ته ڄڻ انهن مٿان ڪا قيامت ڪري پئي هجي، آهه و زاري جا منظر سنڌ مٿان ڪڙڪي پيا هجن، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر تمام گهڻو بهادر سنڌ جو ارڏو پٽ هيو، هو غاضب، غدارن، لٽيرن، قوم جي دشمنن پيٽ وڏن وڏيرن ، ڀوتارن ڪرپٽ مافيائون کي هميشه وڏي واڪي بهادرانه انداز ۾ للڪاريندو ۽ گجندو رهندو هيو، هن جي ڪوڪ للڪار ۽ پڙاڏو بزدلانه سوچ جو موت هيو، جنهن ڪري هو روايتي سياست ڪرڻ بجاءِ عملي سياست ۾ يقين رکندو هيو ۽ امر ڪردار بڻجندي ڪانئر قسم جي ڊنل سياسي رانديگرن ڊرامي بازن کي مات ڏيندي پاڻ هميشه لاءِ امر بڻجندي سنڌ کان 20 سيپٽمبر 1996ع تي جدا ٿي ويو پر سندس جا پيروڪار جانثار سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ نگر نگر ۾ اڄ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن، ڇاڪاڻ ته سچ، حق سونهن ۽ سرهاڻ کي مات نٿي اچي سگهي، هو سدائين امر آهن انهن جي سوچ لوچ سياسي ڪردار قومن جي هڪ مثالي ڪردار بڻجي وڃي ٿو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو شهادت وقت ڄڻ ته چئي ڏنو هجي ته “ مين سمجهتا هي نهين تجهي اپنا مد مقابل ، تو فضول مين ميرا دشمن بنا پهرتا هي”. قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا. اهڙي طرح مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد جا قاتل رهزن بزدل پنهنجي موت پان منطقي انجام ڏانهن ايندا رهيا آهن ۽ انهن وحشي پڻي جي بدبودار مافيائون جو موت به هڪ سفاڪ قسم جي وحشي درندي جيان ٿيڻ پيو وڃي ۽ قدرت جا قانون اٽل هجن ٿا. جڏهن ته شهيد جي رت جي ڦڙي ڦڙي حساب ٿيندو. جنت جي سردار حضرت سيدنا مولا حسين رضي الله تعاليٰ عنه فرمايو ته “ظالمن سان گڏ رهڻ بذات خود هڪ وڏو ڏوهه آهي”، جهڙي طرح ڪامريڊ چي گويرا چيو ته “ ظلم ايترو برو ناهي جيتري اوهان جي خاموشي جيڪڏهن اڄ ڳالهائڻ نه سکيو ته اوهان جا ايندڙ نسل به گونگا پيدا ٿيندا”.غلط کي غلط کلي ڪري چئو ڇاڪاڻ ته تاريخ هميشه ٽڪرائيندڙ وارن جي لکي ويندي آهي، تلوا چٽڻ وارن جي نه لکي ويندي آهي”. تاريخ جو تسلسل هميشه اهي ئي رهندا آهن جن ۾ جرئت بهادري نيڪ نيتي همت حوصلو ۽ ارڏائپ هوندي آهي. ٽيپو سلطان تڏهن ته چيو ته ؛ گدڙ جي سئو سال جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو