گهوٽڪي(ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي مليريا جي روڪٿام لاءِ ضلعي ڪائونسل، صحت ۽ ميونسيپل کاتي پاران گڏيل مهم جاري. تفصیل موجب عوامي شڪايتن جي پيش نظر ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايتن تي ضلعي ڪائونسل، صحت ۽ ميونسيپل کاتي جون ٽيمون ضلعي جي شهري توڙي ڳوٺاڻن علائقن ۾ مڇرمار مهم هلائي رهيون آهن ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي دوران يوسي ٻيرڙي، علي مهر، ڀرچونڊي، اٽل مراداڻي، عمر ڊهو، کڏواري، رونتي، ڀيٽور، کنڀڙا، قاضي بادل، ڊانگهرو، سيدپور، ڇڄڻ، وسطي جيون شاه، جهان خان انڙ، ڪنڊلو، مٺڙي، ٻنڌ، چنگلاڻي، جمال، يارو لنڊ، سوئي شريف، حيات پتافي، جهانپور سميت مختلف يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڦوهارو ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته مهم دوران هر يونين ڪائونسل جي باقي ڳوٺن سميت ضلعي جي سمورن علائقن ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪيو ويندو










