ايڪشن ڪميٽي پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ طبي ڪئمپ قائم

ايڪشن ڪميٽي پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ طبي ڪئمپ قائم

دڙو (ن سنڌيار) ٻنون ۾ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌو درياھ جي بند تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاء طبي ڪئمپ قائم، ماھر ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي طرفان 2 ھزار کان وڌيڪ مختلف مرضن ۾ مبتلا متاثرين جو علاج ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون. تفصيل موجب ٻنون ايڪشن ڪميٽي پاران ڊاڪٽر جئي ڪمار ۽ ڊاڪٽر تنوير قاضي جي تعاون سان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٻوڏ متاثرين جي علاج لاء ٻنون بچاء بند کان تقريبن 15 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تائين رھندڙ مختلف غريب مارو ماڻھن لاء مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي سندن علاج ڪيو ويو، جڏھن تہ ٻنون ايڪشن ڪميٽي جي جاکوڙي اڳواڻن عبدالڪريم پليجو، غلام عباس پليجو، سرفراز سومرو، امتياز ميمڻ، نياز سومرو، حافظ اسلم سومرو، عبدالرزاق سومرو ۽ ٻين درياھي بند ۽ ان جي ٻنھي پاسن تي رھندڙ عورتن ٻارن پوڙھن ۽ جوانن کي پنھنجي گاڏين ۾ کڻي ميڊيڪل ڪئمپ تي پھچايو، جتي ڊاڪٽرن مريضن جو علاج ڪري کين مفت دوائون ڏنيون، ان موقعي تي ڏکن ۽ تڪليفن جي ماريل شاھوڪار سنڌ جي پينو فقير بڻيل ڌرتي ڌڻين لڙڪن ۽ سُڏڪن سان دانھون ڪندي ٻڌايو تہ برسات ۽ درياھي پاڻي سبب سندن سڀ ڪجھ لڙي ختم ٿي ويو آھي، ھر ڪٽنب جا سمورا گھر ڀاتي گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا آھيون، پر سرڪار اڃا تائين سندن ڪابہ سار ناھي لڌي. خدارا کين خيما، راشن، دوائون ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو