لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ سپر ماڊل صدف ڪنول پنهنجي ڌيءَ جي پهرين خوبصورت وڊيو شيئر ڪري ڇڏي آهي.صدف ڪنول پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل ڌيءَ سيده زهرا سبزواري جي وڊيو کي انٽرنيٽ جي شوقينن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي.ڪنول جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شهروز سبزواري پنهنجي ڌيءَ سان ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته ننڍي پري پنهنجي پيءُ جي مٿان ويٺي مسڪرائي رهي آهي.اها وڊيو صدف ڪنول پنهنجي ڌيءَ جي هڪ مهيني جي سالگرهه جي موقعي تي شيئر ڪئي آهي.لکين صارفين سميت شوبز انڊسٽري جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن هن وڊيو تي تبصرن ۽ لائيڪز ذريعي پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو آهي.










