افغانستان مان ميون ۽ ڀاڄين جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو

افغانستان مان ميون ۽ ڀاڄين جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو

اسلام آباد(بيورو)افغانستان مان پاڪستان ۾ ميون ۽ ڀاڄين جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تي عمل به شروع ٿي ويو آهي.ڪسٽم اختيارين موجب ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جو نفاذ 21 فيبروري 2023ع تائين آهي.ٻئي طرف پاڪستاني درآمد ڪندڙن ۽ ڪليئرنگ ايسوسيئشنز ٽيڪس ۾ واڌ تي احتجاج ڪيو آهي.واپارين جو چوڻ آهي ته افغانستان مان انگور، انار، خربوزي، ڪڪڙ ۽ انجير سميت سمورن ميون جي درآمد بند ڪئي وئي آهي.واپاري برادري موجب 200 جي لڳ ڀڳ فروٽ ٽرڪون ۽ ڪنٽينر باب دوستي ڪسٽم هائوس ۾ روڪيا ويا آهن.واپاري برادري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ميون جا باغ ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ اضافي ٽيڪسن جي ڪري ميون جا اگهه 50 کان 100 سيڪڙو تائين وڌي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو