پاڪستاني اداڪارا امر خان چيو آهي ته مان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ڏسندي آهيان، اميد آهي ته اڄ پاڪستان کٽيندو. شو ۾ پڇيل سوالن جا جواب ٻنهي دلچسپ انداز ۾ ڏنا، جنهن ۾ عامر خان پهرين ۽ عبدالله سلطان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان اڳ 500 جي ريس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان انضمام الحق پهرين نمبر تي هو، جيڪو هاڻي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران امر خان چيو ته پراميد آهيان ته پاڪستان هي ميچ کٽيندو، پاڪستانين جي اڪثريت جو به خيال آهي ته اڄ جي ميچ گرين شرٽس کٽي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽام ڪروز عدنان صديقي کان ٿورو بهتر آهي، سوشل ميڊيا تي ماڻهو تمام گهڻي تنقيد ڪندا آهن. امر خان اهو به چيو ته مان مريم نواز جو ڪردار سٺو نه ٿو ڪري سگهان، اهو ڪردار ڪبريٰ خان کي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مان هاڻي شادي جو سوچي به نٿو سگهان. عبدالله سلطان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ کي سڀ گڏجي ڏسن ٿا.










