منڇر ڍنڍ جو بند ٽٽڻ جو خطرو، ويجهين آبادين کي خالي ڪرڻ جو حڪم

منڇر ڍنڍ جو بند ٽٽڻ جو خطرو، ويجهين آبادين کي خالي ڪرڻ جو حڪم

سيوهڻ(ن سنڌيار)منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، نلڪا بند ٿيڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي آس پاس جي آبادين کي خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو موجب منڇر ڍنڍ جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، ڪنهن به وقت ڍنڍ جو بند ٽٽڻ جو خطرو آهي، يونين ڪائونسل واهه، بوبڪ، جعفرآباد ۽ يونين ڪائونسل چنا جا علائقا خالي ڪرايا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته آر ڊي 54 کان آر ڊي 58 تائين منڇر ڍنڍ ڊيم تي دٻاءُ آهي، ماڻهو غير ضروري طور منڇر ڍنڍ ڊيم ڏانهن نه وڃن.ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڍنڍ جو ڊيم نه کٽندو، بچائڻ لاءِ آخري دم تائين ڪوشش ڪندا، منڇر ڍنڍ لاءِ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪ اهم آهن.نجي ٽي وي جي رپورٽر موجب ڍنڍ جو پاڻي ڪنارن تان وهڻ شروع ٿي ويو آهي، سيوهڻ جي مقامي آبادي سخت خوف ۾ ورتل آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته يوسف باغ وٽ بند پيل بوبڪ ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن کي منڇر ڍنڍ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو