منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي دٻاءُ ۾ مسلسل اضافو

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي دٻاءُ ۾ مسلسل اضافو

ڄامشورو(ويب ڊيسڪ)سکر بئراج کان ايندڙ ٻوڏ واري ريل رات دير سان ڪوٽڙي بئراج وٽ پهتي، بئراج وٽ اوچائي سطح جي ٻوڏ آهي، سنڌ جي دادو ضلعي جي منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جو دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي. آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي بئراج وٽ اوچائي سطح جي ٻوڏ آهي، بئراج جا سمورا بند محفوظ آهن ۽ عملو الرٽ تي آهي، ٻوڏ جي سطح ساڍا پنج کان ڇهه لک ڪيوسڪ هوندي. سال 2010ع ۾ ڪوٽڙي بئراج مان 9 لک 64 هزار ڪيوسڪ ريل گذري چڪي آهي، تنهن ڪري ڪو به خطرو ناهي.ٻئي طرف سنڌ جي دادو ضلعي جي منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جو دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي، دٻاءُ سبب پاڻي ڊسٽرڪٽ جي دروازن کان مٿانهون نڪري ڊسٽرڪٽ ڪئنال ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ڊسٽرڪٽ ڪينال جي دروازن تي پاڻي جي دٻاءُ سبب گيٽ ٽٽڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.منڇر ڍنڍ ۾ هن وقت پاڻي جي سطح 122 آر ايل کان وڌيڪ آهي، ڊنسٽر گيٽ جي ڊيگهه 22 فوٽ آهي جنهن ۾ لوهي شيٽ لڳل آهي، ڍنڍ جي ليول 22 فوٽ کان مٿي هجڻ سبب گيٽ مٿان پاڻي اوور فلو ٿي رهيو آهي. ٿرپارڪر جي 9 ڳوٺن کي آفت جو شڪار قرار ڏنو ويو آهي، ڳوٺ دريا خان چانڊيو جي رهواسي اڪرو دڙي ۾ ٻوڏ سبب مختلف ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ٻوڏ متاثر ماڻهو بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.خيبرپختونخواهه ۾ منڊا هيڊ ورڪس ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا، مهمند ضلعي جي رهواسين کي سوات نديءَ ۾ خطرناڪ ٻيڙين جو سفر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو