ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار) شيخ ڀرڪيو برسات متاثرين پاران گهرن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف شيخ ڀرڪيو چمبڙ روڊ تي احتجاج خبر موجب شيخ ڀرڪيو ڳوٺ خدا بخش منگلجو اميد علي ٽنگڙي نظر محمد ٽنگڙي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين امام بخش منگلجو بلاول ٽنگڙي شير محمد بلوچ پوپٽ ڪولهي ۽ ٻين شيخ ڀرڪيو چمبڙ روڊ تي احتجاج ڪندي دانهيو ته برسات سبب اڳ ئي سندن گهرن ۾ پاڻي بيٺل هو مٿان وري زئور شاخ جي لڳل گهارن کين ٻوڙي ڇڏيو آهي زئور شاخ کي مختلف هنڌ تان گهارا لڳل آهن جنهنڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ آهن جڏهن ته جلال موري جا ڳوٺ پڻ پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي مظاهرين ضلعي ٽنڊو محمد خان جي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته گهرن مان پاڻي نيڪال ڪري ڏنو وڃي ۽ زئور شاخ کي لڳل گهارا بند ڪرائي ڏنا وڃن










