اسلام آباد: (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عدليه جو ذميواراڻو ۽ عقلمنداڻو رويو تعريف جوڳو آهي.سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ وڏي سياسي تبديلي ايندي. هن چيو ته صرف ن ۽ ش آمهون سامهون ناهن پر پي ڊي ايم به ڏڦيڙ جو شڪار ٿيندي.اڳوڻي گهرو وزير اڳڪٿي ڪندي وڌيڪ چيو ته مقرريون، بدليون، تبديليون ۽ اهم عدالتي فيصلا به انهن ئي 2 مهينن(سيپٽمبر، آڪٽوبر) دوران ٿيندا. ٻوڏ کان پوءِ غذائي ۽ وبائي بحران ايندو. جڏهن ته نوازشريف جي رستي جي رنڊڪ شهباز شريف پاڻ بڻجندو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته دنيا ۾ تيل جي قيمت گهٽ ٿي رهي آهي، حڪومت ڊيزل 10 روپيه ۽ بجلي 4.5 روپيه مهانگو ڪري رهي آهي. عوام کي بي زبان سمجهندڙ اڳيان هلي پريشان ٿيندا. غذائي کوٽ دوران گودامن ۽ دڪانن ۾ ڦر مار ٿيندي. عدليه جو ذميواراڻو ۽ عقلمنداڻو رويو تعريف جوڳو آهي. هي هاڻ ٻوڏ جي بهاني ڀارت سان واپار ۽ اسرائيل سان دوستي ڪندا.










