ملڪ کي عالمي چيمپئين بڻايو، فلاحي ڪم ڪيا:عمران خان

ملڪ کي عالمي چيمپئين بڻايو، فلاحي ڪم ڪيا:عمران خان

اسلام آباد ( بيورو ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڻ خلاف داخل دهشتگردي جو ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ واري الزام تي داخل دهشتگردي جو ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.عمران خان شعيب شاهين ايڊووڪيٽ، بيئرسٽر صفدر ۽ فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ ذريعي درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تقرير تي دهشتگردي ايڪٽ جي قلمن هيٺ داخل ڪيس خارج ڪيو وڃي.عمران خان طرفان درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مون عالمي ڪپ کٽرايو، فلاحي ڪم ڪيا، اسپتال ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي، پاڪستان جي ڪجهه اصل “ اسٽيٽس مين “ مان هڪ آهيان، ڪورونا وبا کي اثرائتي انداز ۾ منهن ڏنو، آمريڪا افغان ڳالهيون ڪرايون، مون مٿان بدنيتي سان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عمران خان درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته مون ڪو به اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهن تي دهشتگردي جا قلم لڳي سگهن، دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ سرنڊر ڪري چڪو آهيان، منهنجي عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي، ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي فيصلي تائين ايف آءِ آر تي ڪارروائي معطل ڪري جاچ روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو