اسلام آباد ( بيورو) آسٽريليا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 20 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آسٽريليا جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستان کي فوري طور تي انساني ضرورتن جي بنياد تي مدد ڏئي رهيا آهيون، جنهن تحت آسٽريليا عالمي خوراڪ پروگرام ذريعي پاڪستان کي 20 لک ڊالر جي امداد ڏيندو.پرڏيهي وزير پيني وونگ چيو ته ٻوڏ سبب متاثر عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور ماڻهو فوري طور تي امداد جا حقدار آهن.هن چيو ته آسٽريليا طرفان ٻوڏ جي تباهڪارين پنهنجن پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان تعزيت ڪريون ٿا ۽ اسان جون ٻوڏ سبب تباهه ٿيل ماڻهن سان همدرديون آهن.










