شهباز گل کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، وڌيڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

شهباز گل کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، وڌيڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي مسلسل سانس جي تڪليف جي شڪايت سبب ان جي انجيوگرافي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پمز اسپتال جي ذريعن موجب شهباز گل کي مسلسل سانس جي تڪليف جي شڪايت آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ شهباز گل جي هڪ ٻي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ميڊيڪل بورڊ شهباز گل جي سانس جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جو مڪمل چيڪ اپ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ شهباز گل جي سي ٽي پلمونري اينجيوگرافي جو به فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو