لاهور (ويب ڊيسڪ)ق ليگ جي اڳواڻ مونس الاهي پي ٽي آءِ طرفان ٽڪيٽ ڏيڻ بابت وضاحت ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مونس الاهي لکيو ته سندس وزيراعظم عمران خان ئي آهي ۽ اسد عمر سان گڏ ڪم ڪرڻ زبردست آهي. مونس الاهي وڌيڪ لکيو ته پي ٽي آءِ فيملي سان محبت ۽ احترام وارو رشتو آهي پر پي ٽي آءِ طرفان مونکي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جعلي آهي. ياد رهي ته مونس الاهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ عمران خان جي ڪابينا جو حصو هو.










